جوکيو محمد الياس

جوکيو، محمد الياس: ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ محمد الياس ’همغم‘ جوکيو، 2 جنوري 1939ع تي ڳوٺ مالماڙي، ڪوهستان، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. ابتدائي سنڌي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ادبي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو آهي. سندس ڪيترا مضمون ۽ تحقيقي مقالا مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.”آل پاڪستان جوکيا انجمن جنگشاهيءَ“ جو جنرل سيڪريٽري، ’تنظيم اتحاد جوکيا“ جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ ڪلچرل ڪائونسل ضلعي ٺٽي جو صدر، مالماڙي وليج ائسوسيئيشن جو چيئرمئن به رهيو آهـي. هـن جـا ٽـي ڪـتـاب ڇـپـجـي پـڌرا ٿـيـا آهن (1) ’ڦلوءَ جي شادي‘، (2) ’کنڊ ڀڳڙا‘ ۽ (3) ’ولڙين واس‘ قابلِ ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.01.02  عيسوي

ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ محمد الياس ’همغم‘ جوکيو، 2 جنوري 1939ع تي ڳوٺ مالماڙي، ڪوهستان، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عائشه خاتون چنا
رائيٽ ڀائر
حسين خان ٺوڙهو
حاجي علي شاهه هنڱورو
ذوالفقار ڪولاچي
انجينئر جمال الدين وينجهر
در محمد خان
بودن فقير ڀنڀرو
جيلاني، سيد محمد صالح شاهه ثاني
پاڻيڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون